پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن

پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن: پاڪستان ۾ نشريات جو آغاز پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن يعني 14 آگسٽ 1947ع کان ٿيو. سڀ کان پهرين ريڊيو اسٽيشنون ڍاڪا، لاهور ۽ پشاور ۾ قائم ڪيون ويون. 1948ع ڌاري ملتان اسٽيشن قائم ٿي، 1956ع ۾ ڪوئٽا ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وئي. 1970ع ڌاري ملتان اسٽيشن قائم ڪئي وئي ۽ اسلام آباد ٽريننگ مرڪز کوليو ويو، جڏهن ته ريڊيي جي بين الاقوامي نشريات 21 اپريل 1973ع کان شروع ٿي، پوءِ 1974ع ۾ خيرپور اسٽيشن ۽ 1975ع ۾ بهاولپور ريڊيو جو اضافو ڪيو ويو. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ هائوس 1977ع ڌاري منتقل ڪيو ويو، پوءِ ملڪ جي ڏورانهين علائقن ۾ ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن ۾ گلگت (1977ع)، اسڪردو (1977ع)، تربت (1981ع)، ديرو اسماعيل خان، خضدار سميت فيصل آباد ۾ پڻ نشرياتي ٽرانسميٽر لڳايا ويا، بعد ۾ 1990ع کان پوءِ سبي، ايبٽ آباد، چترال، لورالائي ۽ زوب ۾ نشرياتي سهولتون مهيا ڪيون ويون. هن وقت بلوچستان ۾ 7، سنڌ ۾ 5، پنجاب ۾ 7، خيبر پختونخوا ۾ 6، اترين علائقن ۾ 2، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 3 ۽ وفاق ۾ هڪ ريڊيو اسٽيشن نشريات ڪري رهي آهي. آڪٽوبر 1998ع ۾ ريڊيو پاڪستان طرفان ايف ايم ٽرانسميشن جو آغاز ڪيو ويو. هن وقت گوادر، ميانوالي، سرگوا، ڪوهاٽ، ٻنون، دادو، حيدرآباد ۽ مٺي (ٿرپارڪر) ۾ پڻ ايف ايم ريڊيو جي نشريات هلي رهي آهي. جڏهن ته پاڪستان جي وڏن شهرن ۽ نيشنل هاءِ وي تي پرائيويٽ ايف. ايم چئنل پڻ نشريات ڪري رهيا آهن. پي. بي. سي جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان 31 ٻولين ۾ لڳ ڀڳ 149 نيوز بليٽن روزانو نشر ٿين ٿا.


لفظ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو